ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توهين عدالت ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن اسلام آباد پوليس کي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) اسلام آباد کي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي آءِ جي اسلام آباد کي چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي گرفتار ڪري اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪيو وڃي.توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان پيش نه ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن پيش نه ٿيڻ تي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو