اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو آهي ته عام چونڊون جنوري 2024 جي آخري هفتي ۾ ٿينديون.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سيپٽمبر تي پڌري ڪئي ويندي،اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين تي اعتراضن ۽ تجويزن ٻڌڻ کانپوءِ حتمي لسٽ 30 نومبر تي جاري ڪئي ويندي.اعلان موجب عام چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ 54 ڏينهن کانپوءِ ٿينديون، حتمي فهرست اچڻ کانپوءِ 54 ڏينهن جو اليڪشن پروگرام هوندو.
