اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو.عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي پاڪ فوج جي مقرري جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو.ذريعن موجب خط ۾ عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي بابت گڏيل رپورٽ 27 نومبر تائين طلب ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميش چئني صوبن، چيف ڪمشنر اسلام آباد کان اهلڪارن جي دستيابي بابت رپورٽ گهري آهي ۽ صوبن ۾ نفري جي کوٽ بابت به لکت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪيتري کوٽ آهي؟ بيڪ اپ پلان ڇا آهي، تفصيل جمع ڪرايو.اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت کي سيڪيورٽي اهلڪارن جا تفصيل وٺي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادارو صاف شفاف چونڊن لاءِ سمورا آئيني ۽ قانوني قدم کڻي رهيو آهي.خط جي متن موجب اليڪشن ڪميشن پولنگ واري ڏينهن فول پروف سيڪيورٽي لاءِ انتظام ڪري رهي آهي، پوليس نفري جي کوٽ تي فوج ۽ ٻين ادارن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو