اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي پولٽيڪل فنانس ونگ پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪندي 30 اپريل تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ طرفان چار مارچ تي اليڪشن ڪميشن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جا تفصيل جمع ڪرايا ويا هئا. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي پارٽي جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو. پي ٽي آءِ طرفان ٽي مارچ تي ٻيهر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي چيئرمين ۽ عمر ايوب بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو