اليڪشن ڪميشن جو حڪم،وفاق ۽ صوبن ۾ مقرريون بدليون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي پوئين حڪومت ۾ مقرر ڪيل وفاق توڙي جو صوبن ۾ مقرر ڪيل آفيسرن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ سلسلو شروع ٿي ويو، اهم کاتن جي سيڪريٽرين ۽ مختلف صوبن ۾ مقرر چيف سيڪريٽرين کي هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو رپورٽ ڪرڻ جو چيوويوآهي،ان نظر ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر سهيل راجپوت،چيئرمين سي ڊي اي سميت اهم ڪامورن کي تبديل ڪيو ويو آهي ، وفاق ۾ 29 اعليٰ آفيسرن جي بدلي ڪئي، جن مان اڪثر مختلف وزارتن جا اهم سيڪريٽري مقرر هئا تبديل ٿيلن ۾ ڪابينا، گهرو، آبي وسيلن، پيٽروليم سيڪريٽرين ۽ چيئرمين سي ڊي اي کي شامل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو