اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع

اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جو هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو.اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ فاٽا مان آزاد سينيٽر سينيٽر هلال الرحمان جمع ڪرايو.سينيٽر هلال الرحمان جي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سخت سردي ۽ برفباري شهرين کي سازگار ماحول ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪي رهي آهي، اميدوارن کي چونڊ مهم هلائڻ ۾ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ سڪيورٽي خدشن سبب اميدوار آپگهاتي حملن جو خدشو آهن، صوبي جي ووٽرن ۽ اميدوارن ۾ محرومي جو احساس آهي.سينيٽر هلال الرحمان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ غير سازگار ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري عام چونڊون 8 فيبروري بدران مناسب تاريخ تي ملتوي ڪيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو