افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي آڙ ۾ 300 ارب جي اسمگلنگ،نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم شين ۽ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي آڙ ۾ اسمگلنگ جو نوٽيس ورتو.وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ پيٽروليم شين جي اسمگلنگ سبب پاڪستان کي هر سال 300 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، مارڪيٽنگ ڪمپنيون متاثر ٿي رهيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم معاملي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ان جو ممڪن حل تيار ڪيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، واپار واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت ۽ ايف بي آر جي عملدارن کي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو