اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان اڳواڻن جي ڌمڪين واري بيان کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ غير قانوني مهاجرن جو هٿ آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ جڏهن به مصيبت آئي ته پاڪستان سندن مدد ڪئي. پاڪستان 40 لک افغان شهرين جو کليل دل سان استقبال ڪيو، افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کانپوءِ وڏي تعداد ۾ غيرقانوني طور پاڪستان لڏپلاڻ ڪئي وئي.8 لک افغان شهرين کي سٽيزن ڪارڊ عبوري بنيادن تي فراهم ڪيا ويا.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ وارن ۾ غيرقانوني مهاجر شامل آهن، دهشتگرد پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪا آهن، دهشتگرد افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن، دهشتگردن بابت معلومات افغان حڪومت سان به شيئر ڪئي وئي آهي، پر افغانستان ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. پاڪستان مخالف دهشتگردن خلاف ٺوس قدم کنيا وڃن. هن چيو ته بدقسمتي سان افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کانپوءِ دهشتگردي ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، 2 سالن ۾ سرحد پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستاني سيڪيورٽي سان وڙهندي 64 افغان دهشتگرد مارجي ويا. اهڙين مسئلن کي ميڊيا آڏو آڻڻ کانسواءِ گڏيل مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر جڏهن افغان حڪومت طرفان ڪو مثبت جواب نه آيو ته پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي تي دهشتگردي جي واقعن ۾ تازي واڌ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪجهه خدشا آهن، اسان الرٽ آهيون ۽ سمورن رخن تي غور ڪري رهيا آهيون، چاهي ڪجهه به ٿئي ان پاليسي کان پوئتي نه هٽنداسين..نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغان اڳواڻن جي تازن بيانن کانپوءِ حملن ۾ تيزي اچڻ معنيٰ خيز آهي.رضاڪارانه افغان شهرين کي عزت ۽ احترام سان واپس موڪليو پيو وڃي، پاڪستان تي ڪنهن به ملڪ جو دٻاءُ ناهي، افغان اڳواڻن جا ڌمڪيون ڏيندڙ بيان افسوسناڪ آهن، افغانستان جي عبوري حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته ٻئي خودمختيار ملڪ آهن. پارا چنار ۾ سرحد پار آپريشن بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته هن ان حوالي سان صوبائي حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، ڪنهن کي به هڪ انچ به آپريشن ڪرڻ نه ڏنو ويندو.افغان سرزمين ۾ ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائين بابت سوال تي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندي، اهو سندن حق ۾ آهي ۽ اسان جي به حق ۾ آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان وٽ 25 هزار افغانين جي ڊيٽا موجود آهي جيڪي افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آيا. جن ملڪن ڏانهن انهن ماڻهن کي وڃڻو آهي، اهي به تيار آهن ۽ اسان به انهن کي انهن ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ تيار آهيون. دهشتگردي جي واقعن ۾ آمريڪي هٿيارن جي استعمال بابت ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته آمريڪي هٿيار هاڻي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. 150,000 افغان فوجي هئا، انهن جا هٿيار ڪيڏانهن ويا؟ اهي آمريڪي هٿيار سڄي خطي ۾ بليڪ مارڪيٽ تي وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ وچ اوڀر ڏانهن پنهنجو رستو ٺاهي رهيا آهن.
