راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز افغانستان مان پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ژوب ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو آپريشن ڪيو ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي افغانستان مان پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.آءِ ايس پي آر موجب ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان اچي رهيا هئا ته سمبازا ويجهو سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب آپريشن دوران 4 جوان پڻ شهيد ٿي ويا.حوالدار ستار، لانس نائيڪ شير اعظم، لانس نائيڪ عدنان ۽ سپاهي نديم بهادري سان وڙهيا ۽ پاڻ به شهيد ٿيا.
