لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته افسوس آهي ته اسان جا پنهنجا ماڻهو هي ظلم ۽ جبر ڪري رهيا آهن.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته جيڪي عورتون جاچ لاءِ پوليس اسٽيشن وڃن ٿيون انهن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.هن چيو ته اسان جي عورتن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا پنهنجا ماڻهو هي ظلم ۽ جبر ڪري رهيا آهن.عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چوي ٿو ته آزادي لاءِ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون.
