اغوا ڪريون ها ته اسمبلي ۾ ڇو آڻيون ها، ناصر شاهه

اغوا ڪريون ها ته اسمبلي ۾ ڇو آڻيون ها، ناصر شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پي ٽي آٰءِ ميمبرن جي اغوا کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت اغوا ڪري ها ته اسمبلي ۾ ڇو اچڻ ڏي ها. هن چيو ته ڪريم بخش گبول کي اسمبلي اندر ڪٽڪو سندس ساٿين ڏنو اسين ڇڏائڻ لاءِ پهتاسين، جڏهن هن چيو ته هو پي ٽي آءِ وارن سان وڃڻ چاهي ٿو ته اسين پوئتي هٽي وياسين. اهڙو اظهار هن سنڌ اسمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسمبلي جو تقدس پائمال ٿيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غلط آهي ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها، هن چيو ته اسپيڪر نوٽيس ورتو آهي هو ڏسون ته ڇا ٿو ڪاروائي ڪري. ناصر شاهه چيو ته سينيٽ جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ملندي، وفاقي حڪومت پريشان آهي.

کیٹاگری میں : Uncategorized

پهنجو تبصرو موڪليو