حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ ھميرو مل پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ طرفان سرمائيڪاري ۽ ترقي جي نالي ۾ اشرافيا کي مفت ۾ زمينون ۽ بنا وياج جي قرض ڏئي نوازيو ويو آهي. هارين ۽ پورهيتن کي هڪ ايڪڙ به زمين ناهي ملندي، ننڍن واپارين ۽ هارين کي ڪاروبار ۽ زرعي اپت وڌائڻ لاءِ بنا وياج جي ٽڪو به قرض ناهي ملندو، باقي اشرافيا کي صنعتون لڳائڻ جي نالي ۾، هلندڙ صنعتون جاري رکڻ جي نالي ۾ ملڪي خزاني مان پئسا ڏنا ويندا آهن ۽ اهي پئسا ملڪ کان ٻاهر کڻي وڃي سيڙپڪاري ڪري ملڪ کي تباه ۽ برباد ڪندا آهن. هنن چيو ته آءِ ايم ايف کان 3 ارب ڊالر وياج تي قرض وٺڻ لاءِ گيسون ڪندڙ حڪمرانن ڪجھ وقت اڳ 3 ارب ڊالر قومي خزاني مان ڪهڙن 620 ماڻهن کي ڏنا، انهن جا نالا عوام اڳيان پڌرا ڪيا وڃن. اسٽيٽ بينڪ انهن بااثرن جا نالا پڌرا ڪرڻ بدران فقط پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ان ڪيمرا بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪري آئين جي آرٽيڪل A 19 (اي) جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ڄاڻ تائين پهچ فقط پارليامينٽيرين نه پر هر هڪ شهري جو بنيادي آئيني حق آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي يا اسٽيٽ بينڪ کي اهو آئيني حق عوام کان ڦرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. اڳواڻن چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ٻين سامراجي ادارن کان قرض کڻي، ملڪ کي قرضي ڪري، عوام کي قرضي ڪري، چند اشرافيا کي نوازيو ويو آهي. هارين ۽ آبادگارن توڙي ننڍن واپارين کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ بدران اسٽيبلشمينٽ نواز وڏن سرمائيڪارن کي قرض ڏنا پيا وڃن. گورک ۾ ڪيٽل فارم (چوپائي مال جو فارم) لڳائڻ لاءِ هزارين ايڪڙ زمين وڏيرن ۽ فوجي آفيسرن کي الاٽ ڪئي وئي آهي پر اڳ ۾ ئي چوپايو مال پاليندڙ پورهيتن کي هڪ پلاٽ به نٿو ڏنو وڃي، الٽو چراگاهن تي قبضا ڪري غريب مسيڪن ماڻهن کان چوپايو مال پالڻ به ڏکيو بڻايو ويو آهي. هنن چيو ته ڳرن وياجن تي قرض کڻي، ناچ ٽپا ڏيندڙ حڪمران قرضن جي پئسن مان عياشيون ڪن ٿا ۽ انهن قرضن جون قسطون وياجن سميت پورهيت عوام کي ڀرڻيون پون ٿيون. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته زرعي سڌارا آڻي وڏيون جاگيرون ٽوڙي زمينون بي زمين هارين ۾ مفت ۾ ورهايون وڃن، هارين ۽ آبادگارن کي زرعي اپت وڌائڻ لاءِ بنا وياج جي قرض ڏنا وڃن، زرعي مشينري ٽيڪس فري ڪئي وڃي. زراعت کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ صنعتون لڳرايون وڃن ۽ سرڪاري صنعتي ادارا ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ بدران انهن ۾ ميرٽ تي اهل ماڻهو ڀرتي ڪري ادارن کي ترقي وٺرائي وڃي ۽ عوامي ادارا وڪڻڻ تي پابندي مڙهي وڃي. ان سان گڏ وڏن سرمائيڪارن، جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪارندن کي سرڪاري زمينون ڏيڻ ۽ سرڪاري خزاني مان بنا وياج جي قرض ڏيڻ تي پابندي مڙهي بنا وياج جي قرض فقط هارين، آبادگارن ۽ ننڍن واپارين کي ڏيڻ جي قانونسازي ڪئي وڃي.
