ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ تعليم کاتي ۽ يونيسيف پاران آئوٽ آف اسڪول چلڊرين جي مسئلي کي حل جي سلسلي ۾ ڊونر ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان يونيسيف جي وفد جي ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڊونر ڪانفرنس هلندڙ سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ منعقد ڪئي ويندي. صوبائي وزير سان ملاقات ڪندڙ يونيسيف جي ٽن رڪني وفد ۾ يونيسيف جي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو عبدالله فادل، ايجوڪيشن مئنيجر يونيسيف ابير مقبول، ايجوڪيشن اسپيشلسٽ آصف ابرار شرڪت ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ زاهد علي عباسي ۽ چيف پروگرام مينجر آر ايس يو ڊاڪٽر جنيد سمون پڻ شرڪت ڪئي. يونيسيف جي تعاون سان ڊونرز ڪانفرنس فار آئوٽ آف اسڪول چلڊرن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني ويندي. ان موقعي تي يونيسيف جي ڪنٽري ريپرينٽيٽو عبدالله فادل چيو ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ آئوٽ آف اسڪولن چلڊرن جي مسئلي تي اثرائتو آواز اٿاريو آهي، ان حوالي سان صوبائي حڪومت پاران نان فارمل ايجوڪيشن شروع ڪرڻ جا بهتر نتيجا نڪرندا. سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته نيون داخلائون ۽ اسڪول ڇڏيندڙن ٻارن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ اسان جي پھرين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڏي ڪاميابي ٻار جي داخلا کان پوءِ تعليمي تسلسل برقرار رکڻ سان ئي ممڪن ٿيندي. جڏهن ته آئوٽ آف اسڪول ٻارن جي تعداد جي تناسب کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي. تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نان فارمل ايجوڪيشن، پرائمري اسڪولن جي اپ گريڊيشن ۽ ڇوڪرين لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت سان آئوٽ آف اسڪول واري مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڊونرز ڪانفرنس ۾ وسيلن جي دستيابي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان جامع تجويزون سامهون اينديون جنهن سان مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ پڻ مدد ملندي. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ماڊل اسڪول سپورٽ يونٽ جي قيام سان جديد ۽ سهولتن تي ٻڌل تعليمي نظام شروع ڪرڻ جو موقعو ملندو. وفد تعليم کاتي پاران ”سائنس ان سنڌ“ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته ٻارن جي تعليم ۽ مسئلن تي ڪم ڪندڙ سمورن ادارن، تنظيمن ۽ فردن کي به ڊونرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته “سائنس اِن سنڌ” مهم لاءِ نان فارمل ايجوڪيشن ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ٺاهي گڏجي ڪم ڪيو ويندو. ملاقات جي آخر ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير يونيسيف جي وفد کي اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو.










