اسپيشل نمبر پليٽس جي نيلامي بيشرمي آهي، علوي

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي اسپيشل نمبر پليٽس جي نيلامي کي بيشرمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو. هن لکيو ته سنڌ حڪومت جو اسپيشل نمبر پليٽس جي نيلامي رياستي لالچ جي طرف بيشرمي جو عمل آهي.عارف علوي چيو ته پوئتي پيل معاشري ۾ ٿيندڙ دولت جي نمائش ۽ مُجرن جي حوصله افزائي تي ڇا چئي سگهون ٿا، هن ملڪ ۾ ٿيندڙ ڦر مار جي رياستي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي. هن شيءَ جي ڪابه ضرورت نه آهي. الله رحم ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو