اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي سپورٽ ڪري ته سٺي ڳالهه آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن ڪنهن حڪومت کي سپورٽ ڪري ته سٺي ڳالهه آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته 2024 جون عام چوندون ملڪي تاريخ جون ڏکيون ترين چونڊون هونديون، سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته نوجوانن کي سامهون آندو وڃي. هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي ملڪي معيشت تي ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان کي گڏجي ڊالر ۽ پيٽرول جي اگهه کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ سڄي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن حڪومت کي سپورٽ ڪري ٿي ته سٺي ڳالهه آهي، اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا سٺا هوندا ته اها سٺي ڳالهه آهي، سياسي جماعتن ۾ برداشت جو مادو هجڻ گهرجي. حمزا شهباز چيو ته ڪرپشن کي پاڙئون پٽڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، نيب جي طريقي ڪار کي نٿو مڃان.

پهنجو تبصرو موڪليو