اسلام ۾ انتهاپسندي جي گنجائش ناهي:آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)صدر بشپ چرچ آف پاڪستان ۽ بشپ آف ريون ڊاڪٽر آزاد مارشل جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن 13 رڪني وفد سان گڏ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي، اسلام ۽ معاشري ۾ عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش ناهي.هن چيو ته هڪ مهذب سماج ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. قائداعظم جو نظريو هو ته ملڪ کي متحد ۽ ترقي ڏيارڻ گهرجي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف قومي ترقي ۾ مسيحي برادري جي خدمتن ۽ تعليم، صحت، فلاحي خدمتن ۾ ڪردار کي ساراهيو.مسيحي برادري جي وفد دهشتگردي جي خاتمي ۽ اقليتن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو