اسلام آباد)ويب ڊيسڪ)اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪارن تي حملي ۽ جوابدارن کي بازياب ڪرائڻ تي 9 پرڏيهي شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب شاليمار ٿاڻي جي حد ۾ پوليس شڪي گاڏي کي روڪيو ته ڊرائيور جي 10 کان 15 ساٿين اهلڪارن تي حملو ڪري ڏنو.اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد 9 نائجيرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته گرفتار پرڏيهين خلاف حڪومت ۾ مداخلت سميت 4 دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
