اسلام آباد ۾ مارگلا هيلز وٽان دستي بمن سان ڀريل بيگ هٿ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي مارگلا هيلز ۾ ٽريل فائيو تي دستي بم ۽ هٿيارن سان ڀريل ٿيلهو مليو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ بيگ ۾ موجود 3 دستي بم ناڪاره بڻائي ڇڏيا. بيگ مان دستي بمن کان علاوه نائن ايم ايم پستول، 50 گوليون هٿ ڪيون ويون.ٿاڻو سيڪريٽريٽ پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي بيگ ۾ راڄڌاني جي ريڊ زون جو نقشو پڻ موجود آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ (بي ڊي ايس) دستي بم ناڪاره بڻائي ڇڏيو، پوليس بيگز ۽ سامان هٿ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو