اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊون روڪڻ بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن سميت سمورين ڌرين کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت مڪاني ادارن جي چونڊن بابت درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.مسلم ليگ ن جي اميدوار شهزاد اورنگزيب جي وڪيل عادل قاضي چيو ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته هو وفاقي حڪومت کي نٿا مڃين.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اڄ 125 يونين ڪائونسلون آهن، 101 ۾ چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ اليڪشن شيڊول کانپوءِ يونين ڪائونسلن جو انگ وڌي ويو.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به اسيمبلي ۾ آهي.وفاقي حڪومت يونين ڪائونسلن جو انگ وڌائڻ بابت نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بئريسٽر جهانگير جدون چئلينج ڪيو هو.عدالت مڪاني ادارن جي چونڊن بابت درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










