اسلام آباد کان دوحه ويندڙ مسافر جي قبضي مان هيروئن هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران دوحه ويندڙ مسافرن جي قبضي مان هيروئن ۽ آئس ڪرسٽل وائيٽ هيروئن جا 2 پيڪيٽ هٿ ڪري ورتا.ترجمان موجب هٿ آيل پيڪٽن مان ڪل 1.996 ڪلو گرام هيروئن ۽ ڪرسٽل آئس هٿ ڪيو ويو آهي.هن چيو ته مسافر اناهلير خان وڏي مهارت سان هيروئن جا اهي پيڪيج ٿيلهي جي هيٺان لڪائي رکيا هئا، پر اي ايس ايف اهلڪارن وڏي مهارت جو مظاهرو ڪندي سامان جي تلاشي دوران منشيات هٿ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدار کي شروعاتي جاچ کانپوءِ هٿ آيل منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو