اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ريفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سيشن ڪورٽ طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ خلاف عمران جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي بائيو ميٽرڪ کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي. پي ٽي آءِ سربراهه جا وڪيل خواجا حارث ۽ بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا، سينيئر اڳواڻ شبلي فراز به عدالت ۾ موجود هو. خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته ٽرائل ڪورٽ لاهور واقعي کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي وزيراعظم جي اندرٽيڪنگ قبول نه ڪئي وارنٽ معطل به نه ڪيا. چيف جسٽس پڇو ته ڇا اها انڊرٽيڪنگ اڃا ويلڊ آهي ته وڪيل هاڪار ڪئي. حارث وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿيندو، قاتلاڻي حملي جو خطرو آهي، حڪومت وٽ به ان حوالي سان ڄاڻ آهي. چيف جسٽس فاروق چيو ته سيشن عدالت پيشي دوران پي ٽي آءِ سربراهه جي سڪيورٽي تي ضرور غور ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته ضمانت جو مطلب آهي عدالت ۾ بيان ڏيڻ، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ٿي ته توهين عدالت ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو به چيو ته برطرف وزيراعظم سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿئي، جيڪڏهن پيش نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو