اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پاران اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته هاڻوڪي صورتحال ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار طور گڏ بيٺل آهيون، اسرائيلي قابض فوج جو فلسطينين تي جبر ۽ تشدد فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي.
