اسلام آباد (بيورو رپورٽ) استحڪام پاڪستان پارٽي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وزير غلام سرور خان کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سان غلام سرور خان جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن پر غلام سرور خان پنهنجي تڪ ۾ چوڌري نثار جي سياسي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهي.ذريعن موجب جهانگير ترين جي غلام سرور خان سان اسلام آباد ۾ گذريل هفتي به ملاقات ٿي هئي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي جو اسلام آباد کان تحريڪ انصاف جي هڪ وڌيڪ قومي اسيمبلي ميمبر سان به رابطو ٿيو آهي پر اهو آزاد اميدوار جي طور تي چونڊ وڙهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
