اسان کي اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ جو شوق ناهي: عظميٰ

اسان کي اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ جو شوق ناهي: عظميٰ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر طرفان ڏنل بيان تي رد عمل ڏئي ڇڏيو آهي.عظميٰ بخاري چيو ته نوازشريف سان حسد رکڻ ۾ عمران خان جا ڪجهه ماڻهو انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي چڪا آهن نوازشريف ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ ڳالهائڻ وارو اڳواڻ آهي.هن چيو ته تڪ کولڻ جا طعنا ڏيندڙ ٻيهر ڳڻپ جي نالي سان ائين ڀڄي ويا جيئن باندر غليل ڏسي ڀڄندو آهي، جيل ۾ اوهان جو چور، بدديانت ۽ ڪرپٽ اڳواڻ آهي انهي لاءِ ڳالهيون ۽ پير جهلڻ جي ضرورت اوهان کي آهي اسان کي اوهان سان ڳالهيون ڪرڻ يا اوهان جو چهرو ڏسڻ جو ڪوبه شوق نه آهي.پنجاب جي صوبائي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته نوازشريف جي ڀاءُ پاڪستان کي ڊيفالٽر ٿيڻ کان بچايو، نوازشريف جي ڌيءَ پنجاب جي عوام لاءِ ڏينهن رات خدمت ۾ مصروف آهي جيڪي کڏا اوهان جو نالائق ۽ بيوقوف اڳواڻ کوٽي ويو هو اسان جي حڪومت انهي کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو