اسان پنهنجي شهيدن جا قرضدار آهيون: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جا قرضدار آهيون.اڄ 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع ۽ شهيدن جي حوالي سان قومي يادگار تي هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ به شرڪت ڪئي، يادگار تي فاتحه خواني ڪئي، گلن جي چادر چاڙهي ۽ خطاب پڻ ڪيو.هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد اسان جو فخر آهن.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شهيد الله جي راهه ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو