اسان ٽيڪس آمدني ۾ اضافو نٿا ڪريون ته اسان جو آخري فنڊ پروگرام نه ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي ٽيڪس ۾ جوڳو اضافو نٿو ڪري ته آئي ايم ايف جي مالي امداد جي پيڪيجز جو حصول جاري رهندو، پرڏيهي ميڊيا کي انٽريو ڏيندي محمد اورنزگيب چيوته هن مهيني آئي آيم ايف سان اسٽاف سطح جي هڪ قرض جي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ پر اميد آهيون، پر جيڪڏهن اسان ٽيڪس آمدي ۾ اضافو نٿا ڪريون ته اسان جو آخري فنڊ پروگرام نه ٿيندو، هن چيوته ڪي ايس اي هڪ سئو انڊيڪس جو حوالو ڏيندي چيوته اسان جي سفر جو رخ هاڪاري آهي ۽ سيڙپڪار اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، هن ٻڌايو ته ڪوئي به حڪومت کي پاڪستان جي ڊگهي مدي ترقي ۽ قرضن جي جٽاري جي رستي تي آڻڻ ۾ ڪافي چيئلينجز آهن ناڻي واري وزير ٻڌايو ته 2 سئو جي ڏهاڪي جي وچ کان پاڪستان جي قرضن ۾ اضآفو ٿيو، ڇو ته عملدار بين القوامي بانڊ هولڊرز چين ۽ نار وارن ملڪن سميت ٻين قرضن جي هڪ وڏي حصي سان پيداواري ايڪسپورٽ تي ٻڌل شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ان بدران ملڪ جو دارو مدار ايڪسپورٽ تي آهي، جنهن سان اسلام آباد جي موجود ۽ جمع ٿيل قرضن جي ادائگي لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻو پوي ٿو، هن چيوته اسان کي قرضن جي ادائگي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيستائين هي معشيت امپورٽ تي ٻڌل رهندي اسان وٽ ڊالر ختم ٿيندا رهندا ۽ اسان کي بل آخرڪار قرض ڏيندڙ وٽ واپس وڃڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو