اسان جي سياست معاشي دٻاءَ ۾ آهي:فضل الرحمان

مردان(ويب ڊيسڪ) جي يو آئي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان هن ملڪ سان ڇا ڪيو آهي؟ پارليامينٽ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ بيوروڪريسي ڇا ڪيو؟، اسان جي بزرگن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون. پرڏيهي ايجنٽ توهين رسالت ۾ ملوث آهن،مدرسن خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين،گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل ۽ انساني حقن جون بنيادي تنظيمون سڀ ناڪام ٿي چڪيون آهن،اسان جي آزادي خطري ۾ آهي ،اسان جي سياست معاشي دٻاءَ ۾ آهي ،صهيوني قوتون فلسطينين سان ڇا ڪري رهيون آهن. جنهن انسانيت کي شرمسار ڪيو آهي،دنيا فلسطين جي نسل ڪشي ڏسي رهي آهي ،غزه ۾ انسانيت جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ،پاڪستان وٽ ايٽم بم آهي پر اسان وٽ اها طاقت ناهي،موجوده نگران حڪومت فلسطين تي پاڪستان جي ڊگهي موقف کان يوٽرن ورتو آهي،جي يو آءِ بندوق جي سياست تي يقين نٿي رکي،اسان انساني حقن جي تحفظ جا ضامن آهيون،معيشت جي بحالي لاءِ پرعزم آهن

پهنجو تبصرو موڪليو