اسان جي بالرز بابت گهٽ ڳالهايو وڃي: امام الحق

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق جو چوڻ آهي ته سڀني جون نظرون پاڪ ڀارت ميچ تي لڳل آهن، پاڪ ڀارت ميچ ٻين ميچن کان ڪجهه مختلف هوندي آهي.ڳالهائيندي امام الحق چيو ته سمورن رانديگرن کي مزو آيو، هن ميچ ۾ اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، سڀني کي اهو ياد آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ توهان سٺو ڪيو يا هارايو.هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ سٺي ڳالهه آهي ته اسان هتي ڀارت خلاف هڪ ٻه ميچون کيڏيون، اسان کي ڀارت جي بالنگ جو اندازو ٿيندو ۽ انهن جي ڪمزورين ۽ مضبوط نقطن جي خبر پوندي.ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف پهرين ميچ جي حوالي سان امام چيو ته ڪنڊي ۾ اسان ڀارت کي سٺي ٽوٽل تائين محدود ڪيو، رانديگر اسان جي فارم ۾ هئا، اميد هئي ته ٽوٽل حاصل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو