سکر (ن س )سنڌ جي سينيئر وزير ناصر شاهه چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ ٽن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهچي ويا ۽ ٽن منٽن ۾ فرار ٿي ويا.سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، انتشار پکيڙڻ واري گروهه جو ڪم رڳو انتشار پکيڙڻ آهي، تحمل سان اهم مسئلو حل ڪرڻ تي محسن نقوي کي خراج تحسين پيش ڪندس.ناصر شاهه چيو ته ريڊ زون ٽن کان ڏهن منٽن ۾ خالي ڪرايو ويو، جيڪي اڳواڻ پنهنجي اڳواڻ کي ڇڏائڻ لاءِ آيا، ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي فرار ٿي ويا، کين رڳو عدالتن مان ئي رليف ملي سگهي ٿو، ٻي ڪنهن به صورت ۾ نه،پ پ اڳواڻ چيو ته جيڪي اين آر او جو مطالبو ڪري رهيا هئا اهو نه ٿيندو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پرامن ٿي وڃي ته ان جا مسئلا حل ٿي ويندا،ناصر شاهه چيو ته باني تاثر ڏئي رهيو هو ته جيل مان وزيراعظم هائوس وڃي حلف کڻندو، اهڙو ڪجهه نه ٿيو، پرڏيهي صدر اسان جي ملڪ ۾ موجود آهن جيڪي سيڙپڪاري آڻي رهيا آهن،هن چيو ته عوام کي گمراهه نه ڪيو، پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي، ذاتي طور تي گورنر راج جي حق ۾ ناهي، ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ڪجهه فيصلا ڪرڻا پوندا.










