احتجاجي استادن جو اسيمبلي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش،لاٺي چارج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ استادن سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس مظاهرين تي لاٺي چارج ڪري کين آرٽس ڪائونسل وٽ روڪي ڇڏيو.سڄي سنڌ جا استاد ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا پر اڄ جڏهن هنن سنڌ اسيمبلي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مظاهرين تي لاٺي چارج ڪيو.ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي پوليس آرٽس ڪائونسل ويجهو مظاهرين کي روڪي ورتو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڏانهن ويندڙ روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.سنڌ جي مختلف ضلعن جا استاد گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن سمورن استادن کي وفاقي تعليم کاتي ۾ مستقل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان تعليم کاتي واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته سمورن استادن کي مستقل ڪرڻ جو فيصلو ٽيسٽ جي نتيجن جي بنياد تي ڪيو ويندو.سنڌ اسيمبلي ڏانهن مارچ ڪرڻ دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون ٿيون، پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي آهي ۽ واٽر ڪينن پڻ گهرايا ويا آهن.ان کان اڳ تعليم کاتي احتجاج ڪندڙ استادن کي يقين ڏياريو ته انهن سمورن استادن کي سنڌ جي مقرر ڪيل معيار موجب مستقل ڪيو ويندو، پر احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي مستقل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو