اجازت ملي ته خانگي يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيندس: سنڌي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران تعليم واري وزير مدد علي سنڌي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اجازت ملي ته خانگي يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيندس.سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو.ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ڪرشنا ڪماري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هڪ شاگرد پرائيويٽ يونيورسٽي ۾ هڪ مضمون ۾ ناڪام ٿئي ٿو ته ان شاگرد جو سڄو تعليمي سال ضايع ٿي وڃي ٿو.جنهن تي نگران تعليم واري وزير چيو ته جيڪڏهن اجازت ڏني وڃي ته خانگي يونيورسٽيون بند ڪري ڇڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو