اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي سب ڊويزن رزمڪ ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي.ضلعي انتظاميا موجب ڌماڪو تحصيل رزمڪ بازار ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










