ابراهيم رئيسي پاران جوبائيڊن سان ملاقات کان انڪار

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي آمريڪي  هم منصب سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ميزائل پروگرام ۽ خطي جي عسڪري گروپن جي حمايت ترڪ ڪرڻ جي معاملي تي به ڳالهين کان انڪار ڪيو ويو آهي عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران جي نئين صدر ابراهيم رئيسي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ صدر جوبائيڊن کي ايٽمي معاهدي ۾ شموليت جو مشورو ڏيندي چيو ته ايران مٿان لاڳو پابنديون ختم ڪري آمريڪا پنهنجي سنجيدگي ثابت ڪري سگهي ٿو ۽ ان کان گهٽ تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. نئين چونڊيل ايراني صدر کان جڏهن اهو سوال پڇيو ويو ته ڇا هو پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ملاقات ڪندو ته ابرائيم رئيس چيو ته نه. اهڙي طرح ميزائل پروگرام جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ايراني صدر چيو ته ميزائل پروگرام تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.ايران جي نئين صدر جي باري ۾ عالمي طاقتن ان جي سخت نظرين سبب اڳ ئي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ ئي صدر ابراهيم رئيسي سخت موقف اختيار ڪيو آهي. ايران جي نئين صدر جي بيان کان پوءِ اڃان تائين وائٽ هائوس طرفان ڪوبه رد عمل سامهون نه آيو آهي. آمريڪا 1988ع ۾ 5 هزار کان وڌيڪ سياسي قيدين کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ جي الزام تي ابراهيم رئيسي مٿان پابندي هنئي هئي جڏهن هو ڊيٿ پينل ۾ بطور پراسيڪيوٽر شامل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو