ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ پوليس ڪارروائي دوران مطلوب جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدار کي ابراهيم حيدري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ساٿين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ساٿين جي پٿراءُ سبب زخمي ٿيل اهلڪارن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










