آپگهاتي حملو، 3 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 1ٻار شهيد، 10 ڄڻا زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ آپگهاتي حملي ۾ 3 سڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ ٻارڙو شهيد جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڊي پي او سليم رياض ٻڌايو ته آپگهاتي حملو ميران شاهه بنون هاءِ وي تي حميد الله شهيد چيڪ پوسٽ ويجهو ٿيو، حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 3 اهلڪار ۽ هڪ ٻار شهيد ٿي ويو.سليم رياض جو چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ميران شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، آپگهاتي حملي ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي.ڊي پي او موجب حملي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو