آپريشنل مسئلا، پي آءِ اي جون 6 اڏامون رد، 11 دير جو شڪار

آپريشنل مسئلا، پي آءِ اي جون 6 اڏامون رد، 11 دير جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آپريشنل مسئلن سبب پي آءِ اي جون 6 ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون منسوخ ڪيون ويون جڏهن ته 11 اڏامون ملتوي ڪيون ويون.فلائيٽ شيڊول موجب پي آءِ اي جون ڪراچي کان اسلام آباد ۽ فيصل آباد جون 4 اڏامون ۽ اسلام آباد ۽ پشاور کان ابوظهبي جون 2 اڏامون پي ڪي 262 ۽ 217 منسوخ ڪيون ويون آهن.لاهور کان ڪوالالمپور ويندڙ اڏام پي ڪي 898 ساڍا 11 ڪلاڪ جي دير کانپوءِ منجهند 1 وڳي رواني ٿيندي، جڏهن ته لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڏام پي ڪي 322 ۽ 323 ساڍا 1 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي.لاهور کان مديني لاءِ پي آءِ اي جي اڏام جي روانگي ۾ 9 ڪلاڪ دير ٿي وئي آهي، جيڪا سڀاڻي صبح 5 لڳي 50 منٽن تي مديني لاءِ رواني ٿيندي.اسلام آباد کان دوحا لاءِ پي آءِ اي جي اڏام جي روانگي ۾ 14 ڪلاڪ دير ٿي وئي آهي، اڏام پي ڪي 287 نئين شيڊيول موجب منجهند 2 وڳي رواني ٿيندي.لاهور کان جده لاءِ پرائيويٽ ايئر جي اڏام پي ايف 718 3 ڪلاڪ دير سان صبح 9 وڳي رواني ٿيندي جڏهن ته لاهور کان شارجه جي اڏام پي ڪي 181 چار ڪلاڪ دير سان منجهند 2 وڳي رواني ٿيندي.جده کان پشاور ويندڙ پرڏيهي ايئر لائن جون اڏامون ايس وي 796 ۽ 797 ڏيڍ ڪلاڪ جي دير ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو