آواران ۾ فورسز مٿان فائرنگ،2 جوان شهيد،2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي آواران جي علائقي کهوڙو ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب آواران ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.فائرنگ جي ڏي وٺ دوران نائب صوبيدار آصف عرفان ۽ سپاهي عرفان علي بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا.علائقي ۾ دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.آءِ ايس پي آر موجب اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو