آمريڪي صدر اچانڪ افغانستان پهچي ويو، اشرف غني سان ملاقات

ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿينڪس گِونگ هولي ڏينهن جي موقعي تي اچانڪ افغانستان پهچي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آمريڪا هڪ ڊگهي جنگ جي خاتمي لاءِ طالبان جنگ بندي تي رضامند ٿي ويندو. ياد رهي ته عهدي سنڀالڻ کانپوءِ هن مهل تائين آمريڪي صدر جو افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي ۽ ان کان هڪ هفتو اڳ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ قيدين جو تبادلو پڻ ٿي چڪو آهي. آمريڪي صدر جو افغانستاني دورو سيڪيورٽي خدشن سبب خفيه رکيو ويو جتي پهچڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته طالبان معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا ان ڪري اسان انهن سان ملاقات ڪري رهيا آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته جنگ بندي هجڻ گهرجي ليڪن هو سيز فائر نه ٿو چاهي ۽ منهنجي خيال ۾ هاڻي جنگ ختم ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف طالبان اڳواڻن برطانوي خابرو اداري رائٽرز سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته قطر جي دارالحڪومت دوحا ۾ گذريل هفتي کان آمريڪي عهديدارن سان ملاقاتون جاري آهن ۽ ممڪن ته جلد مذڪرات بحال ٿي سگهن. آمريڪي صدر کي کڻي ايندڙ ايئرفورس جو جهاز خميس جي شام بگرام جي هوائي اڏي تي لٿو جنهن ۾ ان سان گڏ وائيٽ هائوس ۾ قومي سلامتي جو مشير رابرٽ او برائن، معاون ۽ سيڪريٽ سورس جا ايجنٽ به موجود هيا جڏهن ته ان جي نگراني لاءِ 2 ننڍا جهاز به پرواز ڪندا رهيا. پنهنجي دوري ۾ آمريڪي صدر افغان صدر اشرف غني سان ملاقات پڻ ڪئي آهي ۽ آمريڪي فوجين کي ٽرڪي(مرغي جهڙو هڪ پکي) کائڻ لاءِ پيش ڪيو جنهن کان پوءِ انهن سان گڏ ويهي ٿينڪس گِونگ ڏهاڙي جو ڊنر ڪيو. ان موقعي تي هن افغانستان ۾ مقرر فوجين سان ڪچهري ڪئي ۽ ان سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون. ياد رهي ته هڪ ڪنهن به آمريڪي صدر جو افغانستان جو ٻيو دورو هيو ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ گذڙيل سال ڪرسمس جي موقعي تي عراق جو دورو ڪري اتي مقرر فوجين سان ملاقات ڪئي هئي. افغانستان پهچڻ تي آمريڪي فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي ان جو استقبال ڪيو. واضح رهي ته آمريڪي صدر صدارتي اليڪشن مهم دوران به افغانستان ۾ آمريڪي جنگ جي خاتمي جي خواهش جو اظهار ڪيو هو. ان کان پوءِ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ گذريل سال باضابطه طور ڳالهين جو آغاز شروع ٿيو هلندڙ سال جي سيپٽمبر ۾ طالبان حملي ۾ آمريڪي فوجين جي مارجڻ کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ طالبان اڳواڻن سان ملاقات ڪينسل ڪندي مذاڪراتي عمل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر طالبان طرفان اغوا ڪيل آمريڪي ۽ آسٽريلوي پروفيسرن جي آزادي لاءِ امن عمل جي بحالي جا امڪان روشن ٿيا هئا. ٻئي طرف افغان صدر اشرف غني آمريڪي صدر سان ملاقات کانپوءِ جنگ روڪڻ تي زور ڏيندي پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن طالبان امن معاهدي جي حوالي سان سنجيده آهي ته پوءِ جنگ بندي قبول ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ 11 سيپٽمبر 2011 تي ٿيندڙ حملي کان پوءِ افغانستان ۾ آمريڪا چڙهائي ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ هن مهل تائين نيٽو جا دستا اتي موجود آهن جڏهن ته هن جنگ دوران 2400 سئو آمريڪي فوجي قتل ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو