آمريڪي رياست ڊڪوٽا ۾ جهاز ڪري تباهه، 9 ماڻهو فوت

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ چيمبرلين جي جڳهه تي ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا. آمريڪي سرڪاري نشرياتي اداري سي اين اين مطابق حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز ۾ 12 ماڻهو سوار هيا. آمريڪي وفاقي ايو ايشن ايڊمنسٽريشن جي ترجمان لنس فورڊ مطابق جهاز ڪرڻ جو واقعو منجهند کان اڳ ۾ پيش آيو ۽ ان مهل سردي موسم جي طوفان جو خدشو به هيو. لنس فورڊ ٻڌايو ته پي سي 12 جهاز جي منزل فالز ريجنل ايئرپورٽ هئي پر هو اُتي پهچڻ کان اڳ ئي حادثي جو شڪار ٿيو.  انتظاميه مطابق حادثي ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا آهن جنهن ۾ 2 ٻار به شامل آهن جڏهن ته 3 ماڻهن کي طبي امداد لاءِ ويجهي واري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آمريڪي وفاقي ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن طرفان حادثي جي تحقيقات جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو