آمريڪي ايجنڊا آهي پاڪستان کي افغانستان سان وڙهايون : نعيم الرحمان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آمريڪي ايجنڊا پاڪستان کي افغانستان سان وڙهڻ آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن افغانستان سان ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته آمريڪا سان ڪنهن به جنگ ۾ نه پوڻ گهرجي، افغانستان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي پر شفافيت لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، آر اوز، ڊي آر اوز هڪ صوبي ۽ ٻئي صوبي ۾ ٿيڻ گهرجن، چئني صوبن جا گورنر پارٽين جا گورنر آهن.حافظ نعيم الرحمان خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترائي سوال اڃا به موجود آهن، اسان اڃا به چئون ٿا ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز انتظاميه کان نه ٿيڻ گهرجن.هن جو اهو به چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجون انتظامي ذميواريون پوريون نه ڪري رهي آهي، هن وقت تائين چونڊن بابت ضابطا اخلاق ۽ ضابطن جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو