آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ڀائيواري چاهيون ٿا: نگران وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هو آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ڀائيواري چاهين ٿا.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان مثبت ۽ تعميري لاڳاپا آهن.هن چيو ته ملڪن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ۽ اختلاف آهن، اسان ناڪاري توانائين تي يقين نٿا رکون.نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي آفت کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ۾ مسئلو وڏو خرچ ۽ گهٽ وسيلن جو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو