آلو برآمد ڪرڻ جي آڙ ۾ هيروئن اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام

آلو برآمد ڪرڻ جي آڙ ۾ هيروئن اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) آلو برآمد ڪرڻ جي آڙ ۾ هيروئن اسمگلنگ جو ڪيس بي نقاب ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته اي اين ايف ڪراچي انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي ڪارروائي ڪئي. ترجمان جو چوڻ آهي ته سريلنڪا موڪليل آلو جي ڪنٽينر مان 5 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي.هن چيو ته 80 ٿاڻن مان هر هڪ ٿيلهي ۾ 1 کان 2 هيروئن ڀريل آلو رکيل هئا. اي اين ايف ترجمان جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار کي شروعاتي جاچ ذريعي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو