آفيشل سيڪريٽ ۽ آرمي ايڪٽس ترميمي بلن تي صحيحون ناهن ڪيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڪشاف ڪيو آهي ته هن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي بلز تي صحيحون نه ڪيون آهن.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله کي گواهه ٺاهي چوان ٿو ته مون آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل 2023 ۽ پاڪستان آرمي ترميمي بل 2023 تي صحيحون نه ڪيون آهن ڇو ته مان ان ۾ ڄاڻايل قانون بابت متفق نه هئس.صدر چيو ته مون پنهنجي عملي کي چيو هو ته هو بنا صحح ٿيل بلن کي مقرر وقت جي اندر واپس ڪري ڇڏين ته جيئن انهي کي غير موثر بنائي سگهجي. مون ملازمن کان ڪيترائي ڀيرا تصديق ڪئي ته اوهان بل اماڻيا آهن جنهن تي مون کي يقين ڏياريو ويو ته اهي بل واپس وڃي چڪا آهن.صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته مون کي اڄ خبر پئي آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضي ۽ حڪم جي خلاف اهو سڀ ڪجهه ڪيو. رب پاڪ کي سڀ خبر آهي، انشاءَالله اهوئي معاف ڪندو. مان انهن ماڻهن کان به معافي گهران ٿو جيڪي هن مان متاثر  ٿيندا…..

صدر کلي ڪري ڳالهائي، جيڪڏهن بلن تي اختلاف هئا ته اعتراض ڇو نه درج ڪرايا : عرفان صديقي

صدر عارف علوي جي بيان تي ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته  صدر عارف علوي کلي ڪري ڳالهائي، جيڪڏهن بلن تي اختلاف هئا ته اعتراض ڇو نه درج ڪرايا، اعتراضن کانسواءِ بل واپس موڪلڻ جو مقصد ڇا هو؟ ميڊيا ۾ خبرون اچڻ باوجود هو ٻن ڏينهن تائين خاموش ڇو رهيا، جڏهن به ڳالهايو ته معاملو وڌيڪ اُلجهيل رهيو، جيڪڏهن سندس بس ۾ نه آهي ته پوءِ استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي.

اها پاڪستان جي رياست، پارليامينٽ، قانون سازي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي توهين آهي: سينٽر مشتاق احمد

جماعت اسلامي جي سينٽر مشتاق احمد صدر علوي جي بيان تي ردعمل چيو آهي ته هي هڪ نئون پنڊورا باڪس کلي ويو آهي، جيڪڏهن صورتحال حقيقت ۾ اهڙي آهي جيڪا صدر صاحب لکي آهي ته پوءِ اها پاڪستان جي رياست، پارليامينٽ، قانون سازي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي توهين آهي، معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتن ۾ ويندو./ پاڪستان جي صورتحال جو اندازو ان آفيس جي ان صورتحال مان لڳائي سگهجي ٿو، الله پاڪستان تي رحم ڪري.

قانون واري وزارت صدر جي ٽوئيٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار

 قانون ۽ انصاف واري وزارت صدر جي تازي ٽوئيٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 75 موجب ڪو به بل منظوري لاءِ صدر ڏانهن موڪليو ويندو آهي.قانون واري وزارت جو چوڻ آهي ته صدر وٽ ٻه آپشن آهن، صدر منظوري ڏئي يا مخصوص مشاهدن سان معاملو پارليامينٽ حوالي ڪري.قانون واري وزارت موجب آرٽيڪل 75 ڪو ٽيون آپشن نٿو ڏئي، موجوده صورتحال ۾ صدر آرٽيڪل 75 جون آئيني تقاضائون پوريون نه ڪيون، بلن جي منظوري ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪئي.قانون ۽ انصاف واري وزارت جو چوڻ آهي ته نظربندي يا منظوري کانسواءِ بل واپس ڪرڻ جو رستو آئين ۾ ناهي ڏنو ويو.  صدر جو اهو عمل آئين جي روح جي خلاف آهي، جيڪڏهن صدر وٽ بل واپس ڪرڻ جا وسيلا هجن ها ته هو پنهنجي مشاهدن سان واپس ڪري ها.صدر شايد اهي بل واپس موڪلي ها جيئن هن ماضي ۾ واپس موڪليا هئا.  صدر بل جي واپسي بابت پريس رليز پڻ جاري ڪري سگهي ٿو.پريشان ڪندڙ، صدر پنهنجي ئي آفيسرن کي بدنام ڪرڻ جو انتخاب ڪيو.  انهن کي پنهنجي عمل جي ذميواري وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو