آفريقي ملڪ چاڊ ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 50 مزدور فوت

نجامينا (يسڪ نيوز) آفريقا جي ملڪ چاڊ ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 52 ماڻهو فوت ٿيا آهن. خبرون ڏيندڙ عالمي ادارن ان ڏس ۾ تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته کاڻ ويهجڻ جو واقعو لبيا جي سرحد ويجهو واقع تبيستي صوبي جي ڪوري بوگودي علائقي ۾ پيش آيو آهي. چاڊ جي سرڪاري عملدارن 52 ماڻهن بجاءِ 30 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال جي جنوري مهيني ۾ لبيا سان تعلق رکندڙ عرب کاڻ مزدورن ۽ چاڊ جي آوڊئي قبيلي جي ماڻهن وچ ۾ فساد سبب درجنين ماڻهو مارجي ويا هئا. جڏهن ته ڪوري بوگوديءَ جو علائقو 2012 ۽ 2013 ۾ سون جي دريافت کان پوءِ مقامي، لساني ۽ پرڏيهي گروپن ۾ جهيڙي جو مرڪز بنيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو