زرداري ۽ بلاول وچ ۾ اختلافن جا افواهه بي بنياد آهن: ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس پٽ ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اختلافن جا افواهه بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيا آهن. پيپلزپارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول وچ ۾ اختلافن جا افواهه بي بنياد آهن، بلاول خيبرپختونخوا جو دورو مڪمل ڪري ڪالهه دبئي پهتو هو. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي اڳواڻ شازيا مري چيو ته بلاول نجي مصروفيتن جي ڪري دبئي ويو آهي، هو دبئي ويندو رهندو آهي، هن ڀيري به دبئي روانگي جو خاص سبب ناهي. سندس چوڻ هو ته بلاول 30 نومبر تي ڪوئيٽا ۾ پارٽي جي يوم تاسيس کي خطاب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو