اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته چونڊن بابت صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيانن ۾ ڪو به فرق ناهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آئين ۾ آهي ته جيڪڏهن سيٽون وڌنديون ته تڪ بنديون ٿينديون، تڪ بنديون ايترو ڊگهو عمل ناهي جيڪو توهان نومبر تائين ڪرڻ چاهيو.هن چيو ته شڪ آهي ته اليڪشن شيڊول ڊسمبر ۾ به نه ملي سگهي، توهان اليڪشن جي تاريخ نه ٿا ڏئي رهيا آهيو ۽ خاموش آهيو ته پوءِ ان جو ڇا مطلب آهي؟ هن چيو ته سڄي پيپلز پارٽي متحد آهي، ايندڙ هفتي لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس آهي، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن بابت مشاورت ڪئي ويندي ۽ هو مستقبل جو لائحه عمل ڏيندا.
