آسٽريلوي اداڪاره پاران غزه ۾ جنگ بندي جي اپيل

ڪينبرا(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي اداڪارا ۽ پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر خير سگالي سفير ڪيٽ بلانچٽ يورپي پارليامينٽ ۾ غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 54 سالن جي ڪيٽ بلينشٽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي جنگبندي ڪئي وڃي.اداڪاره غزه جي پٽي تي اسرائيلي جنگ تي يورپي پارليامينٽ کي خطاب ڪيو ۽ فوري طور تي انسانيت جي بنياد تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو.اداڪارا پارليامينٽ ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان شامي ناهيان، يوڪرين جي ناهيان، اسرائيل يا فلسطين جي ناهيان ۽ مان سياستدان نه آهيان پر شاهد آهيان.هن چيو ته غزه جنگ ۾ هن وقت تائين هزارين بيگناهه جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.ڪيٽ بلينشٽ چيو ته دنيا ۾ 114 ملين ماڻهو سياسي افراتفري سبب بي گهر ٿيا آهن ۽ انهن مان اڪثريت ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.ان موقعي تي هال ۾ موجود ميمبرن به اداڪاره جي واکاڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو