آزاد ڪشمير: مسافر جيپ نيلم ندي ۾ ڪري پئي، 13 ڄڻا فوت

مظفر آباد)ويب ڊيسڪ) نيلم وادي ۾ مسافر جيپ نيلم درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.مسافر جيپ نيلم وادي ۾ لواٽ بالا کان مظفر آباد وڃي رهي هئي ته نيلم هاءِ وي تي نيلم ندي ۾ ڪري پئي.انچارج ايس ڊي ايم اي نيلم محمد اختر ايوب جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ موڪليون ويون آهن پر برسات سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.ٻئي طرف ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته نيلم درياهه ۾ ڪري پئي جيپ ۾ سوار 13 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.پوليس موجب حادثي واري هنڌ گاهه ڪٽڻ دوران زخمي ٿيل عورت ۽ 2 ٻارڙن کي به اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو