راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته امن ۾ حقيقي مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏئي سگهي ٿي.اها ڳالهه آرمي چيف جنرل عاصم منير اسٽرائڪ ڪور جي دوري جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جو استقبال ڪمانڊر منگلا ڪور ڪيو.دوري دوران آرمي چيف اسٽرائڪ ڪور جي گڏيل تربيتي مشقن جو جائزو ورتو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشق جو مقصد جاري آپريشنل تيارين جي تصديق ڪرڻ آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف مشق ۾ حصو وٺندڙ جوانن سان ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن جي جذبي، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ پيشه ورانه صلاحيتن کي به ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته امن ۾ حقيقي مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي ٿي.











