آرمي چيف آمريڪا جي دوري تي روانو،اهم ملاقاتون رٿيل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير آمريڪا جي دوري تي روانو ٿي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سرڪاري دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو آهي، آرمي چيف جي حيثيت سان هي سندس آمريڪا جو پهريون دورو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف آمريڪا جي دوري دوران اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو